اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾  خاص عدالت قائم ڪئي وئي آهي

اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهي ۾  خاص عدالت قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا 20 آگسٽ کان ڪارروائي هلائيندي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ياور علي جي سربراهي ۾ خاص عدالت قائم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بينچ ۾ جسٽس طاهره صفدر ۽ جسٽس نذر اڪبر به شامل آهن.

خاص عدالت پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس جي ڪارروائي 20 آگسٽ کان شروع ڪندي، ان حوالي سان ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري آگاهه ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته اڳوڻو آمر پرويز مشرف علاج بهاني دبئي ويو هو، ڊگهو عرصي گذرڻ باوجود ڏيهه واپس ناهي موٽيو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*