سپريم ڪورٽ، چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي 6 آگسٽ تائين ڏيهه آڻڻ جو حڪم ڏيندي سول ايوي ايشن اختيارين کان اڏام جو شيڊول طلب ڪري ورتو آهي

سپريم ڪورٽ، چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي 6 آگسٽ تائين ڏيهه آڻڻ جو حڪم ڏيندي سول ايوي ايشن اختيارين کان اڏام جو شيڊول طلب ڪري ورتو آهي.

چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري 3 رڪني بينچ چين ۾ ڦاٿل پاڪستانين بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪئي.

خانگي ايئرلائين جي ريجنل ڊائريڪٽر موقف اختيار ڪيو ته  گوانگ زو ۾ سعودي ايئرلائنز کانسواءِ سموريون اڏامون معطل هيون، اڏام لاءِ 3 وڳي جو چيڪ بوڪ ڏنو ويو آهي ۽ لاهور کان گوانگ زو لاءِ رڳو سندن ئي اڏام ويندي آهي.

عدالت خانگي ايئر لائينز جو جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته اسلام آباد کان گوانگ زو لاءِ روزاني جي بنياد تي چائنه جي اڏام ويندي آهي، خانگي ايئرلائين کي پئسا بچائڻا آهن ته اها ڳالهه ڪري.

چيف جسٽس ثاقب نثار حڪم ڏنو ته سومر کان اڳ سمورن مسافرن کي ڏيهه واپس آندو وڃي ۽ خانگي ايئرلائين جو مالڪ  احسان صهبائي اڱاري تي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿئي.

چيف جسٽس سول ايوي ايشن کان اڏام جي روانگي جو شيڊول طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته خانگي ايئر لائن جي ابريز صاحب کي به جهاز ۾ ويهاريو ويندو ۽ غيرمحفوظ جهاز مسافرن کي کڻڻ لاءِ نه ويندو…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*