ملير جي عدالت زيادتي بعد قتل ٿيل ست ورهين جي نينگري ڪائينات جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪري ڇڏيو

ملير جي عدالت زيادتي بعد قتل ٿيل ست ورهين جي نينگري ڪائينات جو ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪري ڇڏيو، سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، ٻارڙي کي زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل سان  خوف پيدا ٿيو، جاچ آفيسر چيو ته چئني جوابدارن کي بروقت گرفتار ڪيو، جوابدارن نينگريءَ سان زيادتي ڪئي ۽ سگريٽ جا ڏنڀ به ڏنا.

ملير جي عدالت ۾ ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ زيادتي بعد قتل ٿيل ست ورهين جي نينگري ڪائنات جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران جوابدار عارف شاهه، حيدر علي شاهه، الطاف شاهه ۽ شاهد محمود ريمانڊ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيا ويا.

پراسيڪيوٽر محمد علي خان ۽ عبدالقدير اعتراض داخل ڪرايا،

سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، ٻارڙي کي زيادتي ۽ تشدد جو نشانو بڻائڻ ۽ قتل سان  خوف پيدا ٿيو،

جاچ آفيسر چيو ته چئني جوابدارن کي بروقت گرفتار ڪيو، جوابدارن نينگريءَ سان زيادتي ڪئي ۽ سگريٽ جا ڏنڀ به ڏنا.

ملير جي عدالت ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت منتقل ڪندي گرفتار ٿيل چئني جوابدارن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*