ايم ڪيو ايم وفد اڄ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري ڪراچي آپريشن تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪندو

ايم ڪيو ايم وفد اڄ وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪري رهيو آهي، متحده وفد ڪراچي آپريشن تي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪندو.

ذريعن موجب، وزيراعظم نواز شريف، ايم ڪيو ايم وفد کي ملاقات جو وقت ڏئي ڇڏيو آهي، فاروق ستار، خالد مقبول صديقي، رشيد گوڊيل  ۽ سينيٽر بئريسٽر سيف تي ٻڌل وفد وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ميان نواز شريف سان ملاقات ڪندو.

متحده وفد وزيراعظم کي ڪراچي آپريشن دوران ڪارڪنن جي گرفتارين، ڇاپن ۽ ميڊيا ٽرائلز سميت مختلف خدشن کان آگاهه ڪندو.

ايم ڪيو ايم وفد ڪراچي ايئرپورٽ تي متحده اڳواڻن سان بدسلوڪي ۽ غير يقيني واري صورتحال بابت پڻ وزيراعظم کي آگاهه ڪندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته متحده وفد نائين زيرو تي ڇاپي بابت پڻ پنهنجي خدشن کان وزيراعظم کي آگاهه ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*