اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام چونڊن ۾سرعام ڌانڌلي ڪري هڪ پارٽي کي کٽرايو ويو

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام چونڊن ۾سرعام ڌانڌلي ڪري هڪ پارٽي کي کٽرايو ويو، جيڪڏهن ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ تي ٿي پي ٽي آءِ کي شڪست ملندي.

لاهور مان جاري ڪيل بيان ۾ بختاور ڀٽو زرداري چيو ته 2018ع جي چونڊن ۾ ووٽرز جي توهين ڪئي وئي.

هن چيو ته سرعام ڌانڌلي ڪري عوامي راءِ جا بخيا اڊيڙيا ويا، جتي 10 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر ڳڻپ ۾ فرق آيو، اُتي زبردستي ڳڻپ روڪرائي وئي آهي.

بختاور ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سمورين تڪن تي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وئي ته تحريڪ انصاف کي شڪست ملندي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*