اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران چلاس ۾ گرلز اسڪول ساڙڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي

اڳوڻي صدر آصف زرداري پاران چلاس ۾ گرلز اسڪول ساڙڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

اسلام آباد مان جاري ڪيل بيان ۾ آصف زرداري چيو ته تعليمي ادارا ساڙڻ معاف نه ڪرڻ جوڳو ڏوهه آهي، چلاس واقعي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ هوندي.

هن چيو ته نياڻين کي تعليم کان روڪڻ معاشري تي ظلم آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به ريت عورتن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي.

اڳوڻي صدر چيو ته چلاس ۾ نياڻي جي اسڪولن کي باهه ڏئي ساڙڻ کلي دهشتگردي آهي، انتظاميا ذميوارن جو خلاف سخت ڪارروائي ڪري.

واضح رهي ته چلاس ۾ شرپسندن نياڻين جي اسڪولن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*