آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان مالديپ جي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان مالديپ جي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي، جنهن دوران سڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب، مالديپ جي هاءِ ڪمشنر احمد سليم جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس پاڪ فوج جي آپريشنز تيارين بابت آگاهي ڏني وئي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، مالديپ جي هاءِ ڪمشنر جي ايڇ ڪيو ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران پاڪ مالديپ سڪيورٽي صورتحال، ٻطرفي فوجي سهڪار سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب، مالديپ جي هاءِ ڪمشنر دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*