تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جو حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪري

تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين جو حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان فون تي رابطو ڪري وفاق ۾ حڪومت سازي تي ڳالهيون ڪيون، پير پاڳاري چيو آهي ته  اسان اڳواٽ ئي عمران جي حمايت ڪري چڪا آهيون، ايندڙ وقت به سندس ڀرپور  ساٿ ڏينداسين، .

تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو،جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن وچ ۾وفاق ۾ حڪومت سازي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

جهانگير ترين چيو ته سندس خواهش آهي ته هو ڪراچي اچي پير پاڳاري سان ملاقات ڪري.

پير پاڳاري چيو ته  اسان اڳواٽ ئي عمران جي حمايت ڪري چڪا آهيون، ايندڙ وقت به سندس ڀرپور  ساٿ ڏينداسين…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*