موري ويجهو تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا

      موري ويجهو تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا.

       دادو لنڪ روڊ تي ڪار جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورت موقعي تي فوت ٿي وئي، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

              پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي عورت جو لاش ۽ زخمي ياسين ڦلپوٽي کي مورو اسپتال منتقل ڪيو.

          زخمي ياسين ڦلپوٽي کي موري اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو پئي ويو ته رستي تي فوت ٿي ويو.

         حادثي ۾ فوت ٿي ويل عورت ۽ مرد خيرپور جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*