والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جاري آهي، شوپيان ضلعي ۾ ڀارتي فورسز آپريشن دوران ٻن ڀائرن سوڌو وڌيڪ 5 ڪشميرين کي شهيد ڪرڻ بعد سندن لاش جهنگ ۾ اڇلائي ڇڏيا

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جاري آهي، شوپيان ضلعي ۾ ڀارتي فورسز آپريشن دوران ٻن ڀائرن سوڌو وڌيڪ 5 ڪشميرين کي شهيد ڪرڻ بعد سندن لاش جهنگ ۾ اڇلائي ڇڏيا.

ڪشمير  ميڊيا سروس موجب، والاريل ماٿري جي ضلعي شوپيا ۾ قابض فورسز هٿ ٺوڪئي آپريشن جي نالي تي چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ڀارتي فورسز ٻن ڀائرن سوڌو 5 ڪشميري نوجوانن کي گهرن مان کنڀي جهنگ ۾ گولين جو کاڄ بڻايو.

ڀارتي فورسز ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪرڻ بعد سندن لاش اسپتال منتقل ڪرڻ بدران جهنگ ۾ اڇلائي ڇڏيا.

واقعي کانپوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي، جڏهن ته قابض انتظاميا علائقي ۾ انٽرنيٽ سروس معطل ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*