بلوچستان جَي علائقي سبي ۾ ٻن پورهيتن جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي

بلوچستان جَي علائقي سبي ۾ ٻن پورهيتن جا تشدد ٿيل لاش هٿ آيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

سبي جي ليويز ايريا ويجهو ٻن پورهيتن جا لاش ڏسي سڪيورٽي ادارن کي اطلاع ڏنو ويو، جن واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيا.

ليويز ذريعن موجب، هٿ آيل لاشن جي سڃاڻپ غفار  ۽ سليم طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻنهي نوجوانن کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو.

اسسٽنٽ ڪمشنر موجب، پورهيت غفار  جو واسطو تلي ۽  سليم لهڙي جو رهواسي هو، واقعي جي حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*