2018ع جَي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ميمبرز لاءِ چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي

2018ع جَي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ميمبرز لاءِ چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته تفصيل جمع نه ڪرائيندڙ ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويندو.

اليڪشن ڪميشن موجب، عام چونڊن ۾ ڪامياب ميمبرز کي چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو، جڏهن ته تفصيل جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب، 7 آگسٽ تائين سمورين سياسي پارٽين جي ميمبرز جو ڪُل انگ واضح ٿي ويندو، جڏهن ته 8 آگسٽ تي مخصوص سيٽن تي ڪامياب ٿيل ميمبرز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو  ويندو.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ آزاد ميمبرز کي 3 ڏينهن اندر ڪنهن به سياسي پارٽي ۾ شموليت ڪرڻي پوندي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 9 آگسٽ تائين سمورين ڪامياب ميمبرز جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبليز جا اجلاس سڏايا ويندا……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*