مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف گهيرو تنگ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي

مني لانڊرنگ اسڪينڊل ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف گهيرو تنگ ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، ايف آءِ اي ٻنهي اڳواڻن کي اڄ اسلام آباد طلب ڪري ورتو.

ايف آءِ اي موجب، مني لانڊرنگ اسڪينڊل جي مختلف رخن سان جاچ جاري آهي، ان حوالي سان اڄ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي اسلام آباد طلب ڪيو ويو آهي.

ايف آءِ اي ذريعن موجب، آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

ايف آءِ اي ڪراچي  جا عملدار اڄ اسلام آباد روانا ٿيندا، جڏهن ته  آصف زرداري ۽ فريال کي وڌيڪ سوگهو ڪرڻ لاءِ پانا ما طرز تي جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*