سيٺارجا ويجهو ٻن نوجوانن جي اغوا خلاف سندن وارثن پوليس ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي

سيٺارجا ويجهو ٻن نوجوانن جي اغوا خلاف سندن وارثن پوليس ٿاڻي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.

 ڳوٺ حاجي خان جمالي جي رهواسين پيروسڻ ٿاڻي آڏو مهراڻ هاءِ وي تي احتجاج ڪندي ڌرڻو هنيو، جنهن دوران روڊ تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بيهجي وئي.

 ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته صبح سوير ٻن گاڏين تي سوار ٿي اڻ ڄاتل هٿياربند گهر ۾ ستل نوجوان قدير جمالي  ۽ نصرالله جمالي کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن.

 هنن وڌيڪ چيو ته سندن ڪنهن سان به ڪا دشمني ڪونهي ساڻن ظلم ڪيو ويو آهي جنهن جو اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي نوجوانن کي بازاياب ڪرائڻ لاءِ قدم کڻن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*