ڊنمارڪ ۾ نقاب پائڻ تي پابندي جي قانون جي منظوري کانپوءِ پهريون ڀيرو اُن قانون تحت هڪ عورت کي عوامي هنڌ تي نقاب پائڻ تي ڏنڊ سزا ٻڌائي وئي آهي

ڊنمارڪ ۾ نقاب پائڻ تي پابندي جي قانون جي منظوري کانپوءِ پهريون ڀيرو اُن قانون تحت هڪ عورت کي عوامي هنڌ تي نقاب پائڻ تي ڏنڊ سزا ٻڌائي وئي آهي.

ڪوپن هيگن کان 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هور شوم جي علائقي ۾ شاپنگ مال ۾ گذريل ڏينهن هڪ واقعو  پيش آيو آهي، جنهن موجب، حجاب پائڻ تي هڪ عورت مٿان 155 امريڪي ڊالرز جو ڏنڊ وڌو ويو آهي.

 پرڏيهي ميڊيا جي خبرن موجب هڪ 28 ورهين جي عورت جو ٻي عورت سان جهيڙو ٿي پيو جيڪا کيس پاتل نقاب لاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.

 پوليس کي موقعي تي طلب ڪيو ويوجنهن سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي عورت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن توهان نقاب نه لاٿو ته توهان مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.

 پوليس ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته جهيڙو شروع ٿيڻ بعد کين اتي طلب ڪيو ويو ۽ ٻنهي جهيڙيندڙ عورتن مٿان ڏنڊ لاڳو ڪيو ويوآهي.

 ميڊيا رپورٽ موجب نقاب پوش عورت تي نئين قانون تحت 155 ڊالرز جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.

 واضع هجي ته ڊينمارڪ ۾ هلندڙ هفتي اربع کان ڪو به اهڙي قسم جو لباس پائڻ تي پابندي آهي، جنهن سان چهرو نظر نه اچي سگهندو هجي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*