ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اورنگي پائليٽ پروجيڪٽ جي ڊائريڪٽر پروين رحمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت جوابدار عمران عرف سواتي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

پروين رحمان قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل صلاح الدين عدالت کي ٻڌايو ته پروين جي وارثن سميت منهن جي به حياتي کي خطرو آهي.

وڪيل صلاح الدين جو چوڻ هوته هن نقيب قتل، ڪيس، انتظار قتل ڪيس ۽ ٻين هاءِ پرفائل ڪيسن جي پيروي ڪئي آهي ۽ پروين قتل ڪيس جي به  پيروي ڪري رهيو آهي.

وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته پروين قتل ۾ مفرور جوابدارن مان وارثن سميت منهن جي به حياتي کي خطرو آهي، پر سپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود سڪيورٽي فراهم ناهي ڪئي وئي.

عدالت ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عمران عرف سواتي جي ضمانت واري درخواست رد ڪندي ٻڌڻي 10 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*