چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار چلاس ۾ گرلز اسڪول ساڙڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي حڪومت پاڪستان

چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار چلاس ۾ گرلز اسڪول ساڙڻ واري واقعي جو نوٽيس وٺندي حڪومت پاڪستان، گلگت بلتستان جي گهرو سيڪريٽري کان ٻن ڏينهن اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته نگران وزير اعظم به واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چلاس ۾ 12 گرلز اسڪولن کي باهه ڏئي ساڙڻ واري واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو.

چيف جسٽس حڪومت پاڪستان، گلگت بلتستان جي گهرو سيڪريٽري ۽ ٻين کان 48 ڪلاڪن اندر واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ٻئي پاسي نگران وزير اعظم جسٽس رٽارئرڊ ناصر الملڪ نياڻين جا اسڪول ساڙڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن چلاس ۾ شرپسندن 12 گرلز اسڪولن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.

گلگت بلتستان سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

گلگت بلتستان انتظاميا واقعي جا مختلف ٿاڻن تي ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري شرپسندن خلاف ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

ضلعي انتظاميا موجب، ڪيس ۾ 20 کان وڌيڪ جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي، جن مان 16 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*