لاهور هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي ڇڏي  آهي

لاهور هاءِ ڪورٽ جَي چيف جسٽس نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا خلاف درخواست تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي ڇڏي  آهي، جيڪا 8 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف شريف ڪٽنب جي سزا خلاف لائرز فورم جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي جنهن ۾ جسٽس شمس محمود مرزا، جسٽس محمد ساجد محمود سيٺي ۽ جسٽس مجاهد مستقيم شامل آهن.

لائر فورم جي اي ڪي ڊوڪر درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته لائرز 18هين ترميم کانپوءِ نيب جو قانون ختم ٿي چڪو آهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو هو ته 3 ڀيرا وزير اعظم رهندڙ شخص کي اهڙي قانون تحت سزا ڏني وئي، جيڪو ختم ٿي چڪو آهي.

عدالت درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي جسٽس شمس محمود مرزا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا 8 آگسٽ تي ٻڌڻي شروع ڪندي.

واضح رهي ته اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس  ۾ نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪئپٽن رٽائرڊ صفدر کي سزا ٻڌائي هئي، جوابدار اڊيالا جيل ۾ قيد ڀوڳي رهيا آهن.

شريف ڪٽنب جي سزا خلاف اسلام آباد ها ءِڪورٽ ۾ به درخواست داخل ٿيل آهي، جنهن ۾ نواز شريف، مريم ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر جي سزا جي معطلي سميت سندن ضمانت منظور ڪرڻ جي استدعا ٿيل آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*