لاهور جي سيشن ڪورٽ، اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر عابد باڪسر جي 10 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 4 سيٽپمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي
لاهور جي سيشن ڪورٽ، اڳوڻي پوليس انسپيڪٽر عابد باڪسر جي 10 کان وڌيڪ ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 4 سيٽپمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ پنجاب پوليس جي اڳوڻي انسپيڪٽر عابد باڪسر خلاف قتل ۽ دهشتگردي سميت 10 کان وڌيڪ ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.
جوابدار عابد باڪسر سخت سڪيورٽي هيٺ سيشن ڪورٽ ۾ پيش ٿيو، جنهن دوران سندس وڪيل عبوري ضمانت ۾ واڌ جي استدعا ڪئي.
ٻڌڻي دوران عابد باڪسر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس اصيل تي قتل ۽ دهشتگردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
عدالت وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدار عابد باڪسر جي عبوري ضمانت ۾ 4 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.