ڪوئيٽا آپگهاتي ڌماڪي جو هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو

ڪوئيٽا آپگهاتي ڌماڪي جو هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ وڌي 33 ٿي ويو آهي، جڏهن ته زخمين جو مختلف اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.

عام چونڊن واري ڏينهن ڪوئيٽا جي اوڀر باءِ پاس وٽ تعمير نو ڪاليج وٽ پولنگ اسٽيشن ٻاهران آپگهاتي ڌماڪو ٿيو هو.

حملي ۾ پوليس وين کي نشانو بڻايو ويو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او ۽ 3 اهلڪارن سميت 32 ڄڻا ٿڏي تي شهيد ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا.

سي ايڇ ايڇ ڪوئيٽا ۾ اڄ هڪ وڌيڪ زخمي دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ شهيدن جو انگ 33 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 39 زخمين جو ڪراچي، ڪوئيٽا سميت مختلف شهرن جي اسپتالن ۾ علاج جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*