سيٺارجا ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا آهن

سيٺارجا ويجهو مهراڻ هاءِ وي تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار جي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 زخمي ٿي پيا آهن.

 پير ٻڍڙو اسٽاپ تي ڪوٽ بنگلي کان سوئي گئس ايندڙ موٽر سائيڪل ۽ سامهون ايندڙ ڪار ۾ تيز رفتاري سبب ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ڳوٺاڻي محمد حسن لنڊ ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته لال بخش ۽ هڪ ٻيو ڳوٺاڻو زخمي ٿي پيا آهن. جنهن جي سڃاڻپ اڃا تائين نه ٿي سگهي آهي.

 اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي ٺري ميرواهه اسپتال منتقل ڪري  ڇڏيو، جتي زخمين کي طبي مداد ڏني پئي وڃي، حادثي جو شڪار ٿيل ٽنهي موٽر سائيڪل سوارن جو ڪوٽڏيجي ويجهو ڳوٺ ٻيلهاڙو سان تعلق هيو جيڪي سوئي گئس شهر وڃي رهيا هئا، اطلاع تي سندن وارث به اسپتال پهچي ويا آهن.

ٻئي طرف حادثي بعد ڪار کي پوليس تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*