ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 17 ارب رپين واري ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي دوران نيب پاران پيش ڪيل گواهه تي جوابدارن جي وڪيلن جرح مڪمل ڪري ورتي آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 17 ارب رپين واري ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي دوران نيب پاران پيش ڪيل گواهه تي جوابدارن جي وڪيلن جرح مڪمل ڪري ورتي آهي، وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عاصم عدالت کان اجازت ملڻ بعد علاج لاءِ پرڏيهه ويل آهي.

احتساب عدالت ۾ ڊاڪٽر عاصم ۽  ٻين خلاف 17 ارب رپين واري ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي دوران جوابدار اقبال زيد احمد، پشارت مرزا، ذوهير صديقي، ملڪ عثمان ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين جوابدارن جي وڪيلن نيب پاران پيش ڪيل گواهه جي بيان تي پنهنجي جرح مڪمل ڪري ورتي آهي.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سندس موڪل عدالت کان اجازت وٺي علاج لاءِ پرڏيهه ويل آهي، جنهن ڪري پيش ناهي ٿي سگهيو.

عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کي وڌيڪ شاهد پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 11 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*