ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت   پاران  ڊي ايس پي نواز رانجها ۽ سندس گارڊ جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري ڪيس ۾ ٽارگيٽ ڪلر سيد شاڪر عرف رافع جي  ٻيهر ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت   پاران  ڊي ايس پي نواز رانجها ۽ سندس گارڊ جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري ڪيس ۾ ٽارگيٽ ڪلر سيد شاڪر عرف رافع جي  ٻيهر ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي،  پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ گهربل سمورن جوابدارن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي، 5 جوابدار مفرور آهن.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت   ڊي ايس پي نواز رانجها ۽ سندس گارڊ جي ٽارگيٽ ڪلنگ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران نائن زيرو تان گرفتارعبيد ڪي ٽو، عرفان ۽  ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

عدالت ڪيس ۾ نامزد ٽارگيٽ ڪلر سيد شاڪر عرف رافع جي هڪ ڀيرو  ٻيهر ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

پوليس عدالت کي ٻڌايو ته ڪيس ۾ گهربل سمورن جوابدارن جو تعلق ايم ڪيو ايم سان آهي، جن مان 5 جوابدار مفرور آهن.

عدالت ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي  گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*