لاڙڪاڻي ۽ مٺي ۾ به يوم شهداءَ پوليس ملهايو ويو، انسلسلي ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ شهيدن جي قبرن تي حاضري ڀري چادرون چاڙهيون ويون ۽ دعا گهري وئي

.

مٺي ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر عمران قريشي جي اڳواڻي ۾ پوليس عملدارن، اهلڪارن ۽ شهرين گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول چوڪ  کان ڪشمير چوڪ تائين ريلي ڪڍي.

 ريلي کي خطاب ڪندي ايس ايس پي عمران قريشي چيو ته پوليس کاتي پاران 4 آگسٽ يوم شهداءَ پوليس ملهائڻ جو مقصد شهيد اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي.

هن چيو ته پوليس عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي.

ايس ايس پي عمران قريشي چيو ته پوليس به عوام جي فورس آهي، عوام جي تعاون سان ئي ڏوهن جو خاتمو ۽ معاشري ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*