دولت پور صفن ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري خلاف حامين احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي آهي

دولت پور صفن ۾ اڳوڻي صوبائي صلاحڪار اسماعيل ڏاهري جي گرفتاري خلاف حامين احتجاج ڪندي علامتي بک هڙتال ڪئي آهي.

 بنا لائيسنس هٿيارن جي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل  پ پ اڳواڻ اسماعيل ڏاهري جي حامين حفيظ نياز ڏاهري، غلام نبي ڏاهري، غلام نبي ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي.

 ان موقعي تي ميڊيا وارن کي هنن  ٻڌايو ته اسماعيل ڏاهري خلاف انتقامي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته داخل ڪيل ڪيس به من گهڙت آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته عدالتي جاچ ڪرائڻ سان معاملي جي اصل خبر پئجي ويندي، هنن گورنر سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته  اسماعيل ڏاهري خلاف ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*