ايف بي آر، ٽئڪس ايمنسٽي اسڪيم جو مدو پورو ٿيڻ ٿي برطانيا ۽ دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙ پاڪستاني شهرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

ايف بي آر، ٽئڪس ايمنسٽي اسڪيم جو مدو پورو ٿيڻ ٿي برطانيا ۽ دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙ پاڪستاني شهرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ذريعن موجب، ايف بي آر ايمنسٽي اسڪيم جو مدو پورو ٿيڻ تي پرڏيهه ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙ پاڪستاني شهرين خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

ايف آءِ اي پهرين مرحلي ۾ دبئي ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين کي نوٽيس جاري ڪيا آهن، جن ۾ ملڪيتن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

ايف بي آر برطانيا ۾ ملڪيتون رکندڙن اڍائي سئو ۽ دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙ ساڍا چار سئو پاڪستاني شهرين کي نوٽيس اماڻيا آهن.

ايف بي آر مجب، پرڏيهه ۾ ملڪيتون ٺاهيندڙ پاڪستاني شهرين جي ڄاڻ او اي سي ڊي جي پائلٽ پراجيڪٽ تحت حاصل ٿي، ان معاهدي تي مڪمل طور تي عملدرآمد پهرين سيپٽمبر کان شروع ٿيندو.

او اي سي جي معاهدي تحت هڪ سئو هڪ ميمبر ملڪ پاڪستاني شهرين جي ڄاڻ ڏيڻ جا پابند هوندا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*