چونڊ مهم جي خرچن جا تفصيل جمح ڪرائڻ جي اڄ آخري ڏينهن تي ڪامياب اميدوارن طرفان گوشوارا جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي

چونڊ مهم جي خرچن جا تفصيل جمح ڪرائڻ جي اڄ آخري ڏينهن تي ڪامياب اميدوارن طرفان گوشوارا جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي.

 اين اي 213 نواب شاهه تان ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري وڪيل معرفت خرچن جا تفصيل آر او وٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، جنهن ۾ چونڊ مهم تي ڪل آيل خرچ  31 لک 22 هزار 15 رپيا خرچ ڏيکاريو آهي.

اين اي 200 لاڙڪاڻو تان ڪاميابي حاصل ڪندڙ پ پ چيئر مين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي وڪيل معرفت ريٽرننگ آفيسر لاڙڪاڻو وٽ گوشوارا جمع ڪرائي ڇڏيا، بلاول ڀٽو زرداري طرفان چونڊ مهم تي 33 لک 36 هزار رپيا خرچ ڏيکاريو ويوآهي.

اين اي 201 تي ڪاميابي ماڻيندڙ  پ پ اميدوار خورشيد جوڻيجو به ريٽرننگ آفيسر وٽ خرچن جا تفصيل جمع ڪرايا.هن چونڊ مهم تي خرچ24لک 96 هزار ڄاڻايو اهي.

جڏهن ته پي ايس 10 رتوديرو تي ڪامياب ٿيل پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر رٽرننگ آفيسر رتوديرو وٽ پنهنجي وڪيل معرفت گوشوارا جمع ڪرايا، جنهن ۾ فريال ٽالپر پنهنجي   چونڊ مهم تي 18 لک 26 ھزار رپيا  خرچ ڏيکاريو آھي.

پي ايس 11لاڙڪاڻو تان جي ڊي اي پاران ڪامياب اميدوار معظم عباسي 9لک 87 هزار 500رپيا، پي ايس 12 جي پ پ اميدوار سهيل انور سيال 18 لک 89 هزار808۽ پي ايس 13 جي حزب الله ٻگهيو 7 لک 25 هزار100 رپيا خرچ ڄاڻايو آهي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*