نئين ديري ۾ پيٽرول پمپ انتظاميا پاران استاد سان مبينا بدتميزي واري واقعي خلاف استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو

نئين ديري ۾ پيٽرول پمپ انتظاميا پاران استاد سان مبينا بدتميزي واري واقعي خلاف استادن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

استادن عبدالحفيظ، قربان علي ٽڳڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته استاد قربان علي ٽڳڙ پيٽرول ڀرائڻ ويو، جتي معمولي ڳالهه تان  پيٽرول پمپ عملي بدتميزي ڪئي ۽ تشدد جو نشانو بڻايو.

هنن ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي استاد کي انصاف فراهم ڪيو وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*