ڪراچي جي شير شاهه واري علائقي ۾ دڪان اندر گئس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

ڪراچي جي شير شاهه واري علائقي ۾ دڪان اندر گئس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، ريسڪيو ٽيمن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي سبب ڀرپاسي جي رهائشي عمارتن ۽ گاڏين کي به نقصان رسيو آهي.

شير شاهه واري علائقي ۾ دڪان اندر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ۽ چار ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن بعد علائقي ۾ خوف حراس ڇائجي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعات جاچ مطابق ڌماڪو گئس سلينڊر جو آهي، جنهن سان ڀرپاسي جي عمارتن ۽ گاڏين کي به نقصان پهتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو رهائشي عمارت جي هيٺان دڪان اندر ٿيو آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به جاچ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*