تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو. عمران خان پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ مرڪز ۾ حڪومتن جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ پنهنجي پارٽي جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندو.

تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان پي ٽي آءِ جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪري ورتو آهي.

سمورن ميمبرن کي اجلاس ۾ پنهنجي شرڪت کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

عمران خان پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ مرڪز ۾ حڪومتن جي جوڙجڪ جي سلسلي ۾ پنهنجي پارٽي جي ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺندو.

اجلاس ۾ عمران خان کي اڄ باضابطا طور وزيراعظم نامزد ڪيو ويندو، جڏهن ته اجلاس ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ۾ وڏن وزيرن جي نالن تي به غور ويچار ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، پنجاب لاءِ ياسمين راشد ۽ ڪي پي ۾ عاطف خان وڏ وزارت لاءِ مضبوط اميدوار آهن………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*