نوري آباد ڀرسان مزڊا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، هڪ زخمي

نوري آباد ڀرسان سپر هاءِ وي تي مزڊا ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

حيدرآباد کان ڪراچي چوپايو مال کڻي ايندڙ تيز رفتار مزڊا ٽرالر سان ٽڪرائجڻ بعد ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عبدالرشيد نالي حيدرآباد واسي هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمي کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو.

حادثي بعد حد جي پوليس حادثي جو شڪار گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*