چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهري اڄ شام ڏيهه واپس پهچي رهيا آهن

چين ۾ ڦاٿل پاڪستاني شهري اڄ شام ڏيهه واپس پهچي رهيا آهن، پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته گوانگزو ۾ چيني اختيارين ڪنهن به مسافرکي ناهي روڪيو، هيل تائين 214 مسافرن کي بورڊنگ ڪارڊ جاري ٿي چڪا آهن.پاڪستاني شهرين کي سموريون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

چين جي شهر گوانگزو جي ايئرپورٽ تي ڦاٿل پاڪستانين جي مشڪل آسان ٿيڻ واري آهي،

لاهور ايئر پورٽ کان اڏام ڪندڙ شاهين ايئر لائن جو جهاز گوانگ زو ايئر پورٽ پهچي ويو آهي، جيڪو ڦاٿل مسافرن کي کڻي ڏيهه واپس ايندو.

شاهين ايئر جي ترجمان موجب جهاز اڄ شام جو 6 وڳي لاهور پهچي ويندو،

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستاني شهرين کي سموريون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته گوانگزو ۾ چيني اختيارين ڪنهن به مسافرکي ناهي روڪيو، هيل تائين 214 مسافرن کي بورڊنگ ڪارڊ جاري ٿي چڪا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*