جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري اڄ اتحادين جو اهم اجلاس جتوئي هائوس ڪراچي ۾ گهرائي ورتو آهي

جي ڊي اي سربراهه پير پاڳاري اڄ اتحادين جو اهم اجلاس جتوئي هائوس ڪراچي ۾ گهرائي ورتو آهي، اجلاس ۾ ڌانڌلين خلاف شٽربند هڙتال ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيسز آڏو احتجاج ڪرڻ بابت غور ويچار ڪيو ويندو.

 جتوئي هائوس ڪراچي ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ اتحاد ۾ شامل سمورين جماعتن جا اڳواڻ شرڪت ڪندا، جنهن ۾ اياز لطيف پليجو، ارباب رحيم، ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر فهميده مرزا، علي گوهر مهر، صفدر عباسي، صدرالدين شاهه راشدي سميت ٻيا اڳواڻ شامل آهن.

جي ڊي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڌانڌلين خلاف شٽربند هڙتال ۽ اليڪشن ڪميشن جي آفيسز آڏو احتجاج ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*