ڏيڍ مهينو پهريان دادو ڊسٽرڪٽ جيل آڏوفائرنگ ڪري قتل ٿيل لاشاري برادري جي ڇهن ڄڻن جي وارثن جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

ڏيڍ مهينو پهريان دادو ڊسٽرڪٽ جيل آڏوفائرنگ ڪري قتل ٿيل لاشاري برادري جي ڇهن ڄڻن جي وارثن جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

 لاشاري برادري جي ماڻهن انڊس هاءِ تي خدا آباد ٿاڻي آڏو مظاهري ڪري ٽائرن کي ساڙي زوردار نعريبازي ڪئي.

 پير شاخ اسٽاپ تي ڳوٺاڻن جي احتجاج ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ  مڪمل طور تي بيهجي وئي.

 انهي موقعي تي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ ڳوٺاڻن پرويز لاشاري ۽ ممتاز لاشاري ميڊيا کي ٻڌايو ته اٽڪل ڏيڍ مهينو پهريان دادو ڊسٽرڪٽ جيل آڏو انڊس هاءِ وي تي ڪار تي فائرنگ ڪري لاشاري برادري جي ڇهن ڄڻن کي قتل ڪيو ويو جنهن جو دادو ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.

 هنن چيو ته پوليس رڳو ڪيس داخل ڪري چپ ڪري ويهي رهي آهي، جڏهن ته جوابدارن کي گرفتار نه پيو ڪيو وڃي.

 هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪيس ۾ نامزد ٿيل سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*