ميهڙ ۾ پوليس پاران مبينا گرفتاري بعد گم ڪيل نوجوان جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو

ميهڙ ۾ پوليس پاران مبينا گرفتاري بعد گم ڪيل نوجوان جي وارثن احتجاجي مظاهرو ڪيو .

 72 ڏينهن کان مسلسل گم ٿيل نوجوان جي وارثن پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي.

 انهي موقعي تي نوجوان جي وارثن جنهن ۾ سندس امڙ هوران چانڊيو، اسدالله، راشد ۽ ٻين به ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته پوليس 26 مئي تي عبدالستار چانڊيو کي دادو جيل جي گيٽ وٽان گرفتار ڪري گم ڪيو آهي، جنهن جي گرفتاري به ظاهر نه پئي ڪئي وڃي.

 هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته نوجوان جي آزادي لاءِ قدم کنيا وڃن، جڏهن ته عبدالستار جي امڙ هوران پٽ کي آزاد نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو پاڻ ساڙڻ جو چتاءَ ڏنو آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*