سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس اي ٽي سي مان ٻي عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست تي گهرو کاتي

سنڌ هاءِ ڪورٽ نقيب الله قتل ڪيس اي ٽي سي مان ٻي عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ درخواست تي گهرو کاتي، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ، رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي 20 آگسٽ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

چيف جسٽس، جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ بئنچ نقيب الله جي والد محمد خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

محمد خان درخواست ۾ اي ٽي سي جي جج تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته رائو انوار جي گرفتاري کان وٺي هن وقت تائين اسان جي ڪنهن به درخواست کي نه ٻڌو ويو آهي.

درخواست ۾ چيو ويو ته جج درخواست جي باوجود رائو انوار جي پروٽوڪول جو به نوٽيس ناهي ورتو.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شاهدن کي ملندڙ ڌمڪين بابت به درخواست تي فيصلو نه ڪيو ويو.

درخواست ۾ چيو ويو ته رائو انوار جي ضمانت جي درخواست تي جاچ آفيسر کي ٻڌڻ بغير فيصلو ڪيو ويو آهي،جنهن ڪري ڪيس ڪنهن ٻي عدالت ۾ منتقل ڪيو وڃي.

عدالت گهرو کاتي، پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ ۽ رائو انوار سميت ٻين جوابدارن کي 20 آگسٽ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*