سپريم ڪورٽ بني گالا ۾ حد دخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي  دوران پاڪستان سروي جي  ڊي جي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو

سپريم ڪورٽ بني گالا ۾ حد دخلين بابت ڪيس جي ٻڌڻي  دوران پاڪستان سروي جي  ڊي جي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان سروي جو ڊي جي عدالت ۾ پيش ٿي پوزيشن واضح ڪري.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ بني گالا ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .

ٻڌڻي دوران ڊپٽي جنرل عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته ڪورنگ نالي جي ساڍا 4 ڪلو ميٽر سروي مڪمل ڪئي وئي آهي، باقي 17 ڪلو ميٽر جي سروي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ مهينو لڳي ويندو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪورنگ نالي ۽ وفاقي حڪومت جو سروي ضروري آهي، هر حال ۾ حڪومتي حڪمن تي عمل ڪيو وڃي.

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ادائيگي جو معاملو هو ته اوهان کي پهرين عدالت کي ٻڌائڻو هو.

چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اڏاوتون هٽائڻ ۾ دير ڇو ٿي رهي آهي؟ ڊي جي سروي کي گهرايو، سڀاڻي هو عدالت ۾ پيش ٿي معاملي بابت وضاحت پيش ڪري.

سپريم ڪورٽ ڊي جي سروي کي سڀاڻي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*