ڪوٽڙي ڀرسان خدا جي بستي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز سرچ آپريشن ڪري 37 افغانين کي گرفتار ڪري ورتو

ڪوٽڙي ڀرسان خدا جي بستي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز سرچ آپريشن ڪري 37 افغانين  کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايس ايس پي چيو آهي ته وزيرستان ۾ آپريشن سبب دهشتگردن هتي پناهه ورتي آهي، جنهن خلاف آپريشن ڪيو ويندو.

خدا جي بستي واري علائقي افغان بستي ۾ پوليس ۽ رينجرز گڏيل طور سرچ آپريشن ڪري 37 افغانين کي حراست ۾ ورتو آهي.

ايس ايس پي ڄامشورو موجب، افغان بستي ۾ دهشتگردن جي پناهه وٺڻ وارن اطلاعن تي سرچ آپريشن ڪيو، ڪارروائي دوران 37 افغانين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

ايس ايس پي موجب، حراست ۾ ورتل افغانين جي نادرا مان تصديق ڪرائڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته اتر وزيرستان ۾ آپريشن سبب دهشتگردن افغان بستي ۽ ٻين علائقن ۾ پناهه ورتي آهي، جنهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*