سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي پي ٽي ۾  غيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي پي ٽي ۾  غيرقانوني ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب کي جواب داخل ڪرڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

عدالت  اڳوڻي جنرل مئنيجر ڪي پي ٽي رئوف اختر فاروقي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب جواب داخل ڪرڻ لاءِ عدالت کان مهلت طلب ڪئي.

عدالت نيب کي تفصيلي جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏيندي ٻڌڻي 20 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته جعلي ڀرتين واري ريفرنس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري ۽ ڪي پي ٽي جي  اڳوڻي مئنيجر رئوف اختر فاروقي سميت ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي.

نيب جي جاچ آفيسر چيو ته ريفرنس ۾ نامزد ايم ڪيو ايم اڳواڻ بابر غوري ملڪ کان ٻاهر آهي، ان ڪري کيس گرفتار ڪري نه سگهيا آهيون.

نيب چيو ته اڳوڻي وفاقي وزير بابر غوري جي سفارش تي رئوف اختر فاروقي کي ڪي پي ٽي ۾ مئنيجر مقرر ڪيو ويو هو، جوابدار خلاف غيرقانوني ڀرتين جا ثبوت موجود آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*