فيض گنج ۾ سول سوسائٽي پاران قطب رند جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

فيض گنج ۾ سول سوسائٽي پاران قطب رند جي قتل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سول سوسائٽي جي نمائندن عبدالباقي شر، مرتضيٰ شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رورل هيلٿ  سينٽر کان مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته لاهور ۾ جيڪب آباد واسي ناليواري مُصوِر قطب رند کي بيگناهه قتل ڪيو ويوآهي.

هنن چيو ته لاهور پوليس قاتلن کي گرفتار ڪري وائکو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته قطب رند جي قتل جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*