سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي ضمانت واري درخواست

سنڌ هاءِ ڪورٽ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي ضمانت واري درخواست تي نيب پراسيڪيوٽر سميت ٻين کي 20 آگسٽ تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت ۾ فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي جي اڳوڻي چيئرمين نثار مورائي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نثار مورائي جيل ۾ سخت بيمار آهي، کيس طبي بنيادن تي آزاد ڪيو وڃي يا اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

درخواست ۾ چيو ويو ته ڪجهه ڏينهن اڳ عدالت نثار مورائي جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس جناح اسپتال جي آءِ سي يو منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

نثار مورائي اربين روپين جي ڪرپشن سميت جعلي ڀرتين جي الزام هيٺ جيل ۾ آهي.

واضح رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران عبوري ضمانت جي درخواست خارج ڪري نيب نثار مورائي کي گرفتار ڪري جيل موڪليو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*