پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر کي گرفتار ڪرڻ خلاف واهي پانڌي ۽ جوهي ۾ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر کي گرفتار ڪرڻ خلاف واهي پانڌي ۽ جوهي ۾ ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

 پاڪستان تحريڪ انصاف حيدرآباد ڊويزن جي اطلاعات واري سيڪريٽري ڊاڪٽر غلام عباس جي حمايت ۾ جوهي پريس ڪلب آڏو الهيار رودناڻي، امين وگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن مظاهرو ڪري زوردار نعريبازي ڪئي.

 واهي پانڌي ۾ صادق رستماڻي، فيصل جمالي، نظير لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گورک روڊ کان شهر جي مين بازار تائين ريلي ڪڍي وئي.

 انهي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عام چونڊن جي ڏهاڙي تي ميهڙ شهر جي قاضي عارف پولنگ اسٽيشن  تي ٿيل جهيڙي جو ڪيس ڊاڪٽر غلام عباس مهيسر مٿان داخل ڪيو ويو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

 هنن چيو ته مهيسر برادري وچ ۾ ٿيل جهيڙي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ جو ڪو تعلق ناهي صرف کيس سياسي مخالفت سبب ڦاسايو ويو آهي.

 هنن چتاءَ ڏنو ته ڊاڪٽر غلام عباس مٿان داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*