ٺل ويجهو  ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرارٿي وياآهن

ٺل ويجهو  ڪارنهن تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدار فرارٿي وياآهن.

 ڳوٺ گل خان بنگلاڻي ۾ موٽر سائيڪل سوار نوجوان حضور بخش بنگلاڻي کي جوابدار بندوق جا فائر ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو.

 اطلاع تي سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي قتل ٿيل نوجوان جو لاش تحويل ۾وٺي ٺل جي سرڪاري اسپتال پهچايو.

جتي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

نوجوان جي والد الله بخش بنگلاڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ کي بي گناهه قتل ڪيو آهي.

 آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ آنه وري ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*