سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۾ پاڻمرادي نوٽيس جِي ٻڌڻي دوران اومنِي گروپ جَي مالڪ انور مجيد جَي وڪيل خلاف رجسٽرار کي جاچ

سپريم ڪورٽ جعلي بينڪ اڪائونٽس ۾ پاڻمرادي نوٽيس جِي ٻڌڻي دوران اومنِي گروپ جَي مالڪ انور مجيد جَي وڪيل خلاف رجسٽرار کي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس چيو ته پيسا ڪارو ناڻو ثابت ٿيا ته ڪنهن کي به نه ڇڏينداسين، جيڪڏهن بشير ميمڻ ۽ ان جِي ٽيم بناجواز ڪنهن تي الزام لڳايو آهي ته انهن کي پاڪستان ۾ رهڻ نه ڏينداسين، ايف آءِ اَي جَي غلط ڪم جِي سپورٽ نه ڪنداسين.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ جعلي اڪائونٽس  ڪيس جِي ٻڌڻي ٿي، آءِ جِي سنڌ امجد جاويد سليمي پيش ٿيو، جڏهن ته ڊي جِي ايف آءِ اَي بشير ميمڻ طرفان رپورٽ پيش ڪئي وئي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا سڀ 29 اڪائونٽ جعلي آهي، جيڪڏهن اهي اڪائونٽس جعلي آهن ته پوءِ اها رقم آخر ڪيڏانهن وئي؟

ايف آءِ اَي جِي ڊي جِي بشير ميمڻ جواب ڏيندي چيو ته جعلي اڪائونٽس مان رقم واپس پنهنجي اڪائونٽس ۾ آندي وئي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته لڳي ٿو جعلي اڪائونٽس کولَي ڪاروناڻو لڪايو ويو آهي.

جسٽس اعجاز الحسن  چيو ته مجموعي طور 35 ارب رپين جِي ڏيتِي لَيتي ٿي آهي،  جنهن تي بشير ميمڻ چيو ته جعلي اڪائونٽس مان هزارن جَي انگ ۾ ٽرانزيڪشن ٿي آهي.

انور مجيد جَي وڪيل خالد رانجها چيو ته اومني گروپ جون 15 ڪمپنيون آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته انور مجيد کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ڪريو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم کان پوءِ هر ماڻهو اسپتال ۾ داخل ٿي وڃي ٿو،انور مجيد کي پاڻ به پاڪستان آڻي سگهون ٿا، هاڻ ٻڌايو آهي ته انور مجيد ڪٿي آهي ڪڏهن واپس ايندو؟

جنهن تي خالد رانجها چيو ته انور مجيد ملڪ کان ٻاهر آهي، سندس ٻار به ٻاهر رهن ٿا.

چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن سڀ ٻاهر آهن ته وڪالت نامو ڪنهن ڏنو آهي، هي ته ڪيس آهي، پوليس کي گھرائي هاڻ ڪيس داخل ڪرايو.

ان موقعي تي وڪيل چيو ته انور مجيد مون کي به وڪالت نامو ڏنو، ٻاهران وڪالت نامو اچي سگهي ٿو، بعد ۾ ڪاظم رضا کي وڪيل مقرر ڪري هن کي فون تي هدايتون ڪيون ويون هيون.

چيف جسٽس چيو ته ٻاهران ويهي ڪير ڪئين ٿو ٻئي کي وڪيل مقرر ڪرائي سگهي، هي ته فراڊ آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته پهرين چيو ويو ته وڪالت نامو صحيح ٿيو ته هاڻ چو ٿا ته اِي ميل تي آيو آهي، جيڪڏهن ڪجھه به ٿيو آهي ته ڪيس داخل ٿيندو، جيترو ڳالهائيندا اوترو ڦاسندا ويندا.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته انور ميجد ذاتي حيثيت سان عدالت ۾ اچي پيش ٿئي ۽ آءِ جِي سنڌ معاملي جِي ٻن ڏينهن رپورٽ جمع ڪرائي.

سپريم ڪورٽ انور مجيد جَي وڪيلن جَي وڪالت نامَي جِي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*