پي ٽي آءِ عمران خان کي وزيراعظم لاءِ باضابطا طور اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ عمران خان کي وزيراعظم لاءِ باضابطا طور اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو، ذريعن موجب پي ٽي آءِ اسپيڪر لاءِ شاهه محمود قريشي ۽ سنڌ جي گورنر لاءِ عمران اسماعيل جي نالن تي اتفاق ڪري ورتو آهي، ڊپٽي اسپيڪر لاءِ شهريار آفريدي ۽ زرتاج گل جا نالا فيوريٽ قرار ڏنا ويا آهن،

اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ جي رٿ سينئر وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي پيش ڪئي.

پارلياماني پارٽي اتفاق راءِ سان عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪيو ۽ کيس واڌايون به ڏنيون.

پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جنهن تبديلي لاءِ 22 سال جدوجهد ڪئي اها اچي چڪي آهي.

هن چيو ته مان وزيراعظم نامزد ڪرڻ تي پارٽيءَ جو ٿورائتو آهيان.

عمران خان اضافي پروٽوڪول ملڻ تي نعيم الحق کي گهرائي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سڪيورٽي اختيارين بنا اجازت روٽ ڇو لڳايو آهي.

ٻئي طرف پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمد جي موقعي تي وزيراعظم جو پروٽوڪول ملڻ تي عمران خان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.

عمران خان چيو ته مان پروٽوڪول وٺڻ چاهيان ٿو ۽ نه وري روٽ لڳائڻ چاهيان ٿو. اضافي پروٽوڪول جلد ختم ڪيو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*