مسلم ليگ جي صدر شهبازشريف سان ٻن آزاد اميدوارن ملاقات ڪئي

مسلم ليگ جي صدر شهبازشريف سان ٻن آزاد اميدوارن ملاقات ڪئي. پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 39 تان ڪامياب ٿيل آزاد اميدوار راڻا لياقت مسلم ليگ ن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

عام چونڊن کانپوءِ تحريڪ انصاف واضح سرسي سان هڪ مضبوط پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي جيڪا مسلم ليگ ن جي ڳڙهه پنجاب ۾ به حڪومت ٺاهڻ جي خواهشمند آهي.

مسلم ليگ ن ۽ تحريڪ انصاف ۾ آزاد اميدوارن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.

لاهور ۾ راڻا لياقت علي مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف سان ملاقات ڪري پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.

ان موقعي تي راڻا لياقت مسلم ليگ ن جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*