پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽن سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

پنجاب جي گادي واري شهر لاهور ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ ٽن سڳن ڀائرن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا.  پوليس موجب،  واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي.

لاهور جي برڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦلر وان ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو،

جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 3 سڳن ڀائرن  قربان، ارشد ۽ بشير  شميت پنج ڄڻا مارجي ويا.

اطلاع تي پوليس پهچي صورتحال تي ضابطو  آندو ۽ مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا.

پوليس موجب، واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي،  تمام جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*