ڀارتي ٽيم خلاف ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اسٽيو سمٿ اهم ڪردار ادا ڪيو، آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ

آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مائيڪل ڪلارڪ چيو آهي ته ڀارتي ٽيم خلاف ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل ۾ ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اسٽيو سمٿ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ گهڻُو پراميد آهي ته ڪيوي ٽيم کي فائنل ۾ شڪست ڏئي ٽائٽل ماڻي وٺنداسين، جڏهن ته مهيندر سنگهه ڌوني جو چوڻ آهي ته شڪست تي کيس مايوسي ٿي آهي.

آسٽريلوي شهر سڊني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مائيڪل ڪلارڪ چيو ته 11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جومظاهروڪيو آهي.

هن چيو ته ڀارتي ٽِيم خلاف ميگا ايونٽ جي ٻي سيمي فائنل ۾ اسٽيو سمٿ سنچري اسڪور ڪري ٽيم کي  ڪاميابي ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

هن چيو ته ورلڊڪپ ۾ اسٽيو سمٿ جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي آهي ۽ٽيم جي فاسٽ بالرز به پنهنجو فرض نڀايو آهي.

مائيڪل ڪلارڪ جو چوڻ هو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم ايونٽ ۾ کين رائونڊ ميچ ۾ شڪست ڏئي چڪي آهي پر ان هوندي به هو گهڻو پراميد آهي ته ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ کين ڪاميابي نصيب ٿيندي.

ان موقعي ته ڀارتي ٽِيم جي ڪپتان مهيندر سنگهه ڌوني چيو ته شڪست تي کين مايوسي ٿي.

هن چيو ته 329 رنز جو ٽارگيٽ وڏو ٽوٽل هو،جنهن کي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر مخالف ٽيم جي بالرز بهترين بالنگ ڪئي،جنهن سبب ميزبان ٽيم کي فتح ملي.

واضح رهي ته آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ 11هين ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي فائنل 29 مارچ تي ميلبورن ۾ کيڏي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*