اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شريف ڪٽنب خلاف جي العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي منتقلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪجهه دير ۾ ٿي رهي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شريف ڪٽنب خلاف جي العزيزيه اسٽيل ملز ۽ فليگ شپ ريفرنسز جي منتقلي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ڪجهه دير ۾ ٿي رهي آهي، نيب پراسيڪيوٽر دليل جاري رکندو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عمر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب جي بينچ شريف ڪٽنب جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.

نيب پراسيڪيوٽر مظفر عباسي ريفرنسز جي ٻي عدالت منتقلي جي حوالي سان اڄ ٻيهر پنهنجا دليل جاري رکندو.

نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث احتساب عدالت جي جج محمد بشير تي اعتراض واريندي چيو هو ته احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، هاڻي ٻين ريفرنسز  جي ٻڌڻي ساڳيو جج نٿو ڪري سگهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*