اليڪشن ڪميشن، چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن پاران چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اڄ اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جا امڪان آهي

اليڪشن ڪميشن، چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اميدوارن پاران چونڊ خرچن جا تفصيل جمع ڪرائڻ وارو مرحلو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اڄ اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جا امڪان آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان اڄ نون چونڊيل اسيمبلي ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو امڪان آهي.

 اليڪشن شيڊيول موجب، چونڊن جي خرچ جا تفصيل ملڻ بعد اميدوارن جي ڪاميابيءَ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا پيا وڃن.

نون چونڊيل ميمبرز چونڊ جي خرچ جا تفصيل به جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، ڪامياب اميدوارن کي ٽن ڏينهن اندر ڪنهن به سياسي جماعت جو حصو ٿيڻو پوندو.

8 آگسٽ تي سياسي جماعتن جي ترجيحي لسٽس موجب عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽس تي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

شيڊيول موجب، 9 آگسٽ تائين قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سمورن ڪامياب اميدوارن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو.

اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ وارا مرحلا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ صدر قومي ۽ گورنرز صوبائي اسيمبليز جا اجلاس گهرائيندا.

پهرين اجلاس ۾ نون چونڊيل ميمبرز کي حلف کڻايو ويندو ۽ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر  ۽ وزيراعظم  جي چونڊ به ٿيندي.

واضح رهي ته غيرسرڪاري نتيجن موجب، تحريڪ انصاف جون قومي اسيمبلي ۾ 116، نون ليگ جون 64، پيپلز پارٽي جون 43 ۽ ايم ايم اي 12 سيٽون کٽيون آهن، جڏهن ته 13 آزاد اميدوار به آهن، جيڪي حڪومت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*